تذڪرة الشعراء حيدرآباد

تذڪرة الشعراءِ حيدرآباد (ڪتاب ):هن ڪتاب جو ليکڪ (مرحوم) محمد بخش ”واصف“ آهي. هن تذڪري ۾ قديم سنڌي شاعرن احسن، حامد، رشيد، سليم ۽ ٻين جي شاعريءَ سان گڏ سندن زندگي جا احوال به ڏنل آهن. 79 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1955ع ۾ آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس بوڪ سيلرز ۽ پبليشرز پاران ڇپايو ويو. ڪچي جلد، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو چار آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو